- Advertisement -
تنگواڻي ۾ استاد الهرکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ۽ رينجرز طرفان گڏيل طور ڇهين ڏينهن به آپريشن جاري آهي.
ڪشمور –ڪنڌڪوٽ جي ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ جمال شاهه ۽ شبير آباد ٿاڻن جي حد ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي.
اي پي سي چين ۽ ايڪسيوٽر مشين ذريعي ڪيترن ئي ڏوهارين جا ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي باهه پڻ ڏني وئي.
آپريشن دوران پوليس 25 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي بشير احمد بروهي جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
