- Advertisement -
تنگواڻي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٺل-تنگواڻي روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري جي سڃاڻپ خالد حسين دشتي طور ٿي آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ڪيل ڏوهارين سنگين ڪيسن ۾گهربل هو.
- Advertisement -
