حماس ۽ اسرائيل ۾ سومر تائين جنگ بندي ٿيڻ جي اميد آهي : امريڪي صدر جوبائيڊن

- Advertisement -
غزه ۾ صحت واري وزارت خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن غزه جي پٽي ۾امداد نه پهتي ته ڏڪار سبب ماڻهو مري سگھن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري موجب، صحت واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ ڊي هائيڊريشن سبب ٻار شهيد ٿي رهيا آهن ۽ غزه جي پٽي ۾ امداد نه پهتي ته ڏڪار سبب هزارين ماڻهو  مري سگھن ٿا. غزه جي صحت واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ٻارڙا حياتي وڃائي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن امداد غزه جي پٽي تائين نه پهتي ته ڏڪار سبب هزارين ماڻهو مري سگهن ٿا. هوڏانهن اسرائيل جي دهشتگردن ڪاررواين ۾ وڌيڪ 96 فلسطيني شهيد ۽ 172 زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آپريشن دوران وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ 29 هزار 878 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 70 هزار 215 فلسطيني زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته حماس ۽ اسرائيل ۾ سومر تائين جنگ بندي ٿيڻ جي اميد آهي، نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل ترجمان ٻڌايو ته هو معاهدي جي ويجهو آهن. ٻئي پاسي حماس جي سينيئر اڳواڻ باسم نعيم چيو آهي ته کين اڃان تائين باضابطه جنگ بندي جي تجويز ناهي ملي. غزه مان اسرائيلي فوج جي نڪرڻ، انساني امداد ۽ فلسطينين جي آزادي چاهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن با اثر ملڪ مان ضمانت گهرجي ته جيئن اسرائيل معاهدي تي برقرار رهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
19%
2.7m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون