- Advertisement -
توشا خانا جا تحفا وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن طرفان واڪ طلب ڪيو ويو.
زيور، گهڙين، گاڏين، ڪار پيٽس سميت ٻين تحفن جو اگهه مقرر ڪيو ويندو.
واڪ ۾ حصو وٺندڙن کان 30 سيپٽمبر تائين درخواستون طلب ڪيون وينديون.
ڪابينا ڊويزن جو چوڻ آهي ته واڪ ۾ حصو وٺندڙن کي مختلف ڪيٽيگرين لاءِ پيپرا رولز تحت پرکيو ويندو.
ڪابينا ڊويزن موجب ايف بي آر جي مقرر ڪيل ويليو موجب تحفن جي قيمت مقرر ڪندڙن کي ڏهه، پندرنهن ۽ ويهه هزار ادا ڪيا ويندا.
ڪابينا ڊويزن موجب اندازو لڳائيندڙ ٽن ڏينهن ۾ تحفن جي قيمت مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڪابينا ڊويزن ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندا، رپورٽ جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ روزانو معاوضي جو هڪ سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
ڪابينا ڊويزن موجب سيڪشن آفيسر توشه خانه ڪامياب اندازو لڳائيندڙ سان هڪ سال جو معاهدو ڪندو.- Advertisement -
