تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جسٽس منصور علي شاهه جو رولز ميڪنگ ڪميٽي جي سربراهه کي خط ،جڊيشل ڪميشن ۾ سياسي مقرريءَ جي خطري جو خدشو ظاهر

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيندڙ ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس جمال مندوخيل کي خط لکي جڊيشل ڪميشن ۾ سياسي مقرريءَ جي خطري جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ججن جي مقرريءَ لاءِ قاعدا ۽ ضابطا ٺاهڻ واري معاملي ۾ جسٽس منصور علي شاهه پنهنجون تجويزون موڪلي ڇڏيون آهن. جسٽس منصور علي شاهه، قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيندڙ ڪميٽيءَ جي سربراهه جسٽس جمال مندوخيل کي خط لکيو. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ججن جي مقرريءَ ۾ عدليا جو ڪردار اهم هوندو آهي، 26هين آئيني ترميم بعد اهو توازن خراب ٿي ويو آهي، هاڻي ججن جي مقرريءَ ۾ ايگزيڪيٽو جو ڪردار وڌي ويو آهي. هن لکيو ته هڪ به مقرري سخت ضابطن خلاف ٿي ته عدليا تي اعمتاد ۾ گهٽتائي ايندي، جڊيشل ڪميشن ضابطا ٺاهڻ وارو معاملو عدليا جي آزاديءَ لاءِ اهميت وارو آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 175 فور جڊيشل ڪميشن کي رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائي ٿو. خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ عدليا بدران ايگزيڪيٽوز جي اڪثريت آهي، جنهن سبب سياسي مقرريءَ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته آئيني ترميم بعد جڊيشل ڪميشن ۾ عدليا اقليت ۽ ايگزيڪيٽو اڪثريت ۾ آهي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج لکيو ته ايگزيڪيٽو جي اڪثريت سان سياسي مقررين جو خطرو هوندو آهي، شفاف رولز تحت ٿيندڙ مقرريون عدليا جي آزادي يقيني بڻائينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون