- Advertisement -
سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان پيپلزپارٽيءَ سان ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪو سياستدان فوج جو ساٿ نه ڏيندو هو ان سان گڏ نه هوندا، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، امن بحال ڪرائڻ حڪمرانن جي وس جي ڳالهه ناهي فوج کي ڪنٽرو ڪرڻ گهرجي.
مخدوم هائوس هالا ۾ جشن آزاديءَ جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو ته جيڪو سياستدان فوج جو ساٿ نه ڏيندو هو ان سان گڏ نه هوندا.
ھن چيو ته جھموريت ھجي يا ايمرجنسي پر کين پنھنجي فوج سان گڏ بيھڻ گھرجي، ڪا مصيبت اچي ٿي ته فوج سڀ کي پڪارين ٿا، ھاڻ منافقت وارو ماحول ختم ٿيڻ گھرجي.
مخدوم جميل الزمان چيو ته حڪمرانن ۾ ايتري اھليت ناھي ته اهي آرمي چيف مقرر ڪن، پاڪ فوج جي آرمي چيف جو فيصلو پاڻ ڪرڻ گهرجي.
ھن چيو ته پاڪ فوج جا جوان باڊرن تي شھيد ٿين پيا ان جڳھين تي وزيراعظم ۽ صدر کي به وڃڻ گھرجي.
سروري جماعت جي روحاني پيشوا چيو ته حڪمرانن جي جھيڙي ۾ سروري جماعت جي ماڻھن تي ظلم ڪيا ويا پر هنن برداشت ڪيو.
مخدوم جميل الزمان چيو ته سنڌ ۾ ڌاريل راڄ آھي، ڪوبه ماڻھو محفوظ ناھي، آرمي کي ڪنٽرول ڪرڻ گھرجي، امن بحال ڪرائڻ حڪمران جي وس جي ڳالھه ناھي.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير مراد علي شاھ کي گھرجي ته سڄي ڪابينا کي وٺي اتر سنڌ ۾ وڃي امن امان بحال ڪرائي.
مخدوم جميل الزمان چيو ته ھڪ لالچ آھي جنھن ۾ سياستدان چون ٿا ھر ماڻھو غلام ھجي، ھاڻي ھندو برادري ملڪ ڇڏي وڃي رھي آھي انھن کي تحفظ نٿو ڏنو وڃي، جيڪا ھندن کان لوٽ مار ٿي آھي اھا به واپس ڪرائي وڃي، ھندو سنڌ جا وارث آھن.
مخدوم جميل الزمان قوم کي جشن آزادي جون واڌايون پڻ ڏنيون………..- Advertisement -
