- Advertisement -
حب ويجهو ٽائر ڦاٽڻ سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
جهائو ڪراس واري علائقي ۾ ڪوئٽا کان ڪراچي ويندڙ مسافر بس ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ ثناءُ الله ۽ رحيم نالي مسافر فوت ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.- Advertisement -
