تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حماس ۽ اسرائيل ۾ سومر تائين جنگ بندي ٿيڻ جي اميد آهي : امريڪي صدر جوبائيڊن

- Advertisement -
غزه ۾ صحت واري وزارت خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن غزه جي پٽي ۾امداد نه پهتي ته ڏڪار سبب ماڻهو مري سگھن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري موجب، صحت واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ ڊي هائيڊريشن سبب ٻار شهيد ٿي رهيا آهن ۽ غزه جي پٽي ۾ امداد نه پهتي ته ڏڪار سبب هزارين ماڻهو  مري سگھن ٿا. غزه جي صحت واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ٻارڙا حياتي وڃائي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن امداد غزه جي پٽي تائين نه پهتي ته ڏڪار سبب هزارين ماڻهو مري سگهن ٿا. هوڏانهن اسرائيل جي دهشتگردن ڪاررواين ۾ وڌيڪ 96 فلسطيني شهيد ۽ 172 زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آپريشن دوران وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ 29 هزار 878 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي نتيجي ۾ 70 هزار 215 فلسطيني زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته حماس ۽ اسرائيل ۾ سومر تائين جنگ بندي ٿيڻ جي اميد آهي، نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل ترجمان ٻڌايو ته هو معاهدي جي ويجهو آهن. ٻئي پاسي حماس جي سينيئر اڳواڻ باسم نعيم چيو آهي ته کين اڃان تائين باضابطه جنگ بندي جي تجويز ناهي ملي. غزه مان اسرائيلي فوج جي نڪرڻ، انساني امداد ۽ فلسطينين جي آزادي چاهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن با اثر ملڪ مان ضمانت گهرجي ته جيئن اسرائيل معاهدي تي برقرار رهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
38 %
1kmh
100 %
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون