حماس 20 يرغمالين جي آزادي کانپوءِ 4 مغوين جا لاش به اسرائيل حوالي ڪري ڇڏيا.
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جنگ بندي معاهدي تحت 20 يرغمالين کي آزاد ڪرڻ کانپوءِ چار يرغمالين جا لاش اسرائيل جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
حماس ريڊ ڪراس جي بين الاقوامي ڪميٽي ذريعي چئن يرغمالين جا لاش اسرائيل جي حوالي ڪيا.
اسرائيلي ميڊيا موجب، حماس پاران گائي ايلويس، يوسي شرابي، بپن جوشي ۽ ڊينئل پيريز جا لاش ڏنا ويا آهن.
حماس جو چوڻ آهي ته رهيل 24 لاشن کي حاصل ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته تدفين جي سڀني جڳهن جي خبر ناهي.