- Advertisement -
اڳوڻي صدر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل 6 هڻي ڏسيَ، هو ملڪ ۾ ئي رهندو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪمران پندرهن سئو ڪيس هلائي چڪا آهن، وڌيڪ به هلائن.
هن چيو ته حڪومت آرٽيڪل 6 هڻي ڏسيَ، هو ملڪ ۾ ئي رهندو.
اڳوڻي صدر چيو ته هو سدائين آڊيو ليڪ خلاف رهيو آهي، سندس ذاتي ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ جو ڪنهن کي به حق ناهي، انشاءَ الله پي ٽي آءِ باني جلد جيل کان ٻاهر ايندو.- Advertisement -
