- Advertisement -
حڪومت ستاويهين آئيني ترميم 14 نومبر تائين ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 27هين آئيني ترميم پهريان سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، آئيني ترميم سڀاڻي سينيٽ ۾ پيش ٿيندي، قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ترميم جو مسودو پيش ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم وڌيڪ غور لاءِ قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اماڻي ويندي.
ذريعن موجب، فاروق ايڇ نائڪ جي سربراهيءَ ۾ قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو ڇنڇر ۽ آچر تي به اجلاس ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ سومر تي ايوان ۾ پيش ٿيندي.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم سومر تي متعارف ڪرائي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي 14 نومبر تي آئيني ترميم جي منظوري ڏيندي.
- Advertisement -
