سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير اجلاس ۾ ويهي ڳالهائڻ تي يقين نه ٿو رکي، عوام ٽي ايل پي ۽ تحريڪ انصاف جي احتجاج واري ڪال کي رد ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ افغان پناهگيرن ۽ سندن واپسيءَ بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن ادارن ۽ صوبن جي نمائندگي موجود هئا، ڪي پي جي وڏي وزير اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، سندس جاءِ تي مزمل اسلم سندس نمائندگي ڪئي.
هن چيو ته صوبي جي امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ۾ وڏي وزير جي موجودگي ضروري هئي پر سهيل آفريدي اجلاس ۾ ويهي ڳالهائڻ تي يقين نٿو رکي.
عطا تارڙ چيو ته اجلاس ۾ افغان پناهگيرن جي واپسيءَ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، الله جي فضل سان سندن پرڏيهي پاليسي ڪامياب ٿي رهي آهي، حق جي جنگ بعد پاڪستان کي سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي، حڪومتي قدمن سان ملڪي پاسپورٽ جي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته عوام ٽي ايل پي ۽ تحريڪ انصاف جي احتجاج جي ڪال کي رد ڪري ڇڏيو، بي مقصد احتجاج جي سڏ ج اهڙو ئي نتيجو نڪرندو آهي……………