- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان اسيمبلين جا اجلاس ٿي رهيا آهن، ٻنهي اجلاسن جي ايجنڊا به جاري ڪئي وئي آهي.
خيبرپختونخوا جو اجلاس صبح يارهين وڳي ٿي رهيو آهي.
اجلاس جي شروعات ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر قسم کڻندا ۽ حاضري رجسٽر تي صحيح ڪندا جنهن کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ سيڪريٽري اسيمبلي وٽ جمع ڪرايا ويندا.
بلوچستان اسيمبليءَ جو اجلاس به ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ نوان چونڊيل اسيمبلي ميمبر قسم کڻندا، اسپيڪر ڪوئيٽا ۾ نه هجڻ ڪري اجلاس جي صدارت سينيئر ميمبر زمرڪ جان اچڪزئي ڪندو.
سينيٽر سرفراز بگٽيءَ سينيٽ جي سيٽ ڇڏي ڏني جڏهن ته بي اي پي جي سينيٽر پرنس عمر احمد زئي به سينيٽ جي سيٽ تا استعيفى ڏئي ڇڏي آهي، ٻئي ميمبر بلوچستان اسيمبلي ۾ ايم پي اي طور قسم کنندا، اختر مينگل صوبائي به صوبائي سيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.- Advertisement -
