- Advertisement -
سيد مراد علي شاهه ٽيون ڀيرو سنڌ جي وڏي وزير طور قسم کڻي ورتو آهي.
وڏي وزير جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ تقريب جي ڪارروائي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم هلائي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سيد مراد علي شاهه کي وڏو وزير طور قسم کڻايو.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، فريال ٽالپر، سيد قائم علي شاهه، آغا سراج دراني، شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، امتياز شيخ ۽ سردار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
قسم کڻڻ واري تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفارتڪار، صوبائي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ شريڪ ٿيا.
سيد مراد علي شاهه مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو آهي ۽ مجموعي طور هو سنڌ جو 25هون وڏو وزير آهي.
قسم کڻڻ بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ فريال ٽالپر سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ڪامران ٽسوريءَ، ٽيون ڀيرو وڏو وزير چونڊجڻ تي سيد مراد علي شاهه کي واڌايون پڻ ڏنيون…………..- Advertisement -
