- Advertisement -
خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اتر وزيرستان جي آمهون سامهون ايشام واري علائقي ۾ دهشتگردن جي چرپر ڏسي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڀارتي حمايت يافتا 2 دهشتگرد ماجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ ماريل دهشتگردن مان هڪ افغان شهريءَ جي سڃاڻپ قاسم نالي ٿي، هو افغان بارڊر پوليس ۾ ڪم ڪندو هو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ٽانڪ ضلعي ۾ آپريشن دوران به هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جنهن سڃاڻپ افغان شهري اڪرام الدين عرف دجانا نالي ٿي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فتنه الخوارج جي قيادت افغانستان ۾ ويٺل ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد پاڪستان اندر پنهنجي موجودگيءَ جو تاثر ڏيڻ باجوڙ توڙي مهمندس ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين سان خارجين جو ختم ٿيل حوصلو بحال ڪرڻ آهي………
- Advertisement -
