تازه ترين

دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ امريڪا ۽ پاڪستان سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

- Advertisement -
- Advertisement -

امريڪي پرڏيهي کاتي جـِي ترجمان ٽيمي بروس چيو آحي ته دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ امريڪا ۽ پاڪستان سهڪار وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پنهنجي بيان ۾ ٽيمي بروس جو چوڻ هو ته هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

ٽيمي بروس چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سان تڪرار دوران سندن تجربو رهيو ته اها جنگ خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگھي پئي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو هو ان جي نوعيت کي حل ڪرڻ ۾ نائب صدر، صدر ۽ پرڏيهي وزير حرڪت ۾ آيا.

هن چيو ته ڌرين کي ويجهو آڻي پائيدار تخليق ڪيو، فخر جوڳو لمحو آهي ته سيڪريٽري روبيو، نائب صدر وينس ۽ سينيئر اڳواڻن امڪاني تباهي کي روڪڻ ۾ شامل هئا.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن سان امريڪا جا لاڳاپا برقرار سٺا آهن، سندن سفارتڪار ٻنهي ملڪن لاءِ پرعزم آهن.

ٽيمي بروس چيو ته اها خطي ۽ دنيا لاءِ سٺي خبر آهي ته آمريڪا انهن ٻنهي ملڪن سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي، هي هڪ اهڙي مستقبل کي هٿي ڏئي رهيا آهن جيڪو سڀني لاءِ فائديمند هجي……….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون