- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ربيع الاول جو مهينو اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي.
ايراني قونصل جنرل حسن نورين جي ميزباني ۾ ربيع الاول جي مهيني جي حوالي سان ايراني قونصليٽ ڪراچي ۾ ھڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ذوالفقار شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا گھرا ۽ جٽادار لاڳاپا ھڪجھڙي ورثي، گڏيل احترام ۽ سھڪار تي ٻڌل آهن.
هن چيو ته اڄوڪي تقريب اسان کي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ۽ عملي زندگي تي عمل ڪرڻ ۽ ثقافتي لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي تجديد ڪرڻ گهرجي- Advertisement -
