- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته زبردستي دڪان، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪرائڻ قبول ناهي، رضوي ڀائر جلد گرفتار ٿيندا، مارڪيٽ يا ٽرانسپورٽ بند ڪرائيندڙن تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٽي ايل پي جا اڪائونٽ منجمند آهن، فنڊنگ ڪندڙ ماڻهن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته مذهبي پارٽي جي احتجاج دوران پوليس اهلڪارن تي تشدد ۽ گاڏيون ڦر ڪيون ويون.
سندس چوڻ هو ته شهري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، گاڏين کي باهه ڏني وئي، غزا ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ نڪرندڙن ملڪيتن کي ساڙيو.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته پنجاب ۾ انتها پسند ٽولن لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، زبردستي دڪان، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند ڪرائڻ قبول ناهي، رضوي ڀائر جلد گرفتار ٿيندا.
عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، سمورن ضلعن ۾ هن مقصد لاءِ خصوصي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتان غيرقانوني رهندڙن کي باعزت نموني واپس ڪيو ويندو………- Advertisement -
