تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. روشن آباد اسٽاپ ڀرسان ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر سبب خرم علي مغل ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته رياض علي زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو. ڳڙهي ياسين ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. کيرٿر ڪئنال پل وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 26ورهين جو مير حسن مارفاڻي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. موري ۾ رڪشا جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ 3 زخمي ٿي پيا. موري کان رند موري ويندڙ رڪشا جو ٽائر برسٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ رڪشا ڊرائيور امتياز علي چانڊيو فوت ٿي ويو، جڏهن ته  خيهو لغاري، الاهي بخش لغاري ۽ غلام علي لغاري زخمي ٿي پيا. نوري آباد صنعتي زون ۾ ٽينڪر جي ٽڪر سبب پورهيت فوت ٿي ويو. نوري آباد صنعتي زون  8 نمبر واٽر ٽينڪ ڀرسان ٽينڪر پورهيت کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي  ۾ عبدالرزاق نالي شخص فوت ٿي ويو…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون