تازه ترين
اسرائيل جو جنگي جنون ختم نه ٿيو، اسرائيلي ڪابينا بجيٽ 2026ع ۾ فوج لاءِ 35 بلين ڊالر جي وڏي رقم رکي ڪ... اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ بمباري جو سلسلو جاري آهي، والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ فلسطيني کي شهيد فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فيفا امن ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو ڪراچي جي علائقي گذري ۾ گھريلو تڪرار تان جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي قتل 1971ع جي جنگ ۾ وطن جي دفاع لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ ميجر محمد شبير شريف شهيد جو اڄ 54 هون شهادت جو ڏ... آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پاڪستان سعودي عرب ۾ افغانستان سان ڳالهين بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو جمهوريت هميشه ڳالهين سان اڳتي وڌندي آهي، ڊيڊلاڪ ان کي ڪمزور ڪندو آهي : راڻا ثناءُ الله نوٽيفڪيشن بابت واويلا ڪندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: عطا تارڙ وڏي وزير مراد علي شاهه جون 2027ع تائين گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا جو دورو

- Advertisement -
سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف آمريڪا جو دورو ڪيو، جتي آمريڪي سامونڊي ۽ سول قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن سان دفاعي سهڪار کي هٿي ملندي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سامونڊي فوج جي سربراهه پنهنجي آمريڪي دوري ۾ آمريڪي ڊپٽي چيف آف دي نيول اسٽاف آپريشنز ۽ ڪوسٽ گارڊ جي وائس ڪمانڊنٽ سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، ايڊمرل نويد اشرف، آمريڪا جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو به دورو ڪيو ۽ يونيورسٽي جي صدر وائس ايڊمرل پيٽر اَي گارون سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقاتن دوران پيشيوراڻي دلچسپي جي معاملن، علاقائي سلامتي، پيشوراڻي تربيت ۽ ميري ٽائم سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، سامونڊي فوج جي سربراهه آمريڪي پرڏيهي آفيس جو به دورو ڪيو جتي سياسي ۽ فوجي معاملن جي ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري سٽينلي ايل برائون سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايڊمرل نويد اشرف، آمريڪي اسڪالرن ۽ ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن کي هڪ تقريب ۾ خطاب پڻ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، سامونڊي فوج جي سربراهه، علاقائي ميري ٽائم سڪيورٽي چئلينجن ۽ گڏيل ميري ٽائم ڪوششن ۾ سامونڊي فوج جي سهڪار بابت روشني وڌي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايڊمرل نويد اشرف جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميري ٽائم سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ملندي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
9 ° C
9 °
9 °
23 %
2.7kmh
95 %
آچر
17 °
سُومر
16 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون