تازه ترين

ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي :مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي واري شق ختم ڪرڻ نه ڏني ويندي ۽ نه وري ڪو ڪٽ قبول ڪيو ويندو، ستاويهين ترميم ۾ ڪجهه شيون وقت جي ضرورت آهن، تڪرار پيدا نه ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري کي مانيٽر ڪرڻ جي پهرين ڊيجيٽل نظام اسٽوڊنٽ اٽينڊنٽس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم جي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ افتتاحي تقريب ٿي. افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري جو پهريون ڊجيٽل نظام متعارف ٿي ويو، صوبي ۾ تعليم جي معيار ۽ حاضري کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس اي ايم آر ايس پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي. سندس چوڻ هو ته پراجيڪٽ جو مقصد پرائمري شاگردن جي ريڊنگ اسڪلز ۾ اضافو ڪرڻ آهي، کين علم هئڻ گهرجي ته ٻارڙا ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن، ٻارن جي مانيٽرنگ جو نظام هر اسڪول ۾ هئڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ضروري هو ته هو ٻارن کي ٽريڪ ڪري سگهن ته جيئن درست معلومات ملي سگهي، هن حاضري سسٽم جي منصوبي کي اسڪول کانپوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ لاڳو ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ميدان جي ترقي ۾ عالمي بينڪ ۽ گلوبل پارٽنرشپ فار ايجوڪيش جو نمايان ڪردار آهي، ٻنهي جي تڪنيڪي معاونت ۽ ڀائيواري سان تعليم جي نظام کي بهتر، جديد، هاڪاري ۽ مضبوط بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ڀائيوارن جي سهڪار سان سڄي صوبي ۾ تعليمي سڌارن ۾ وڌيڪ بهتري آندي ويندي، هو سنڌ حڪومت تي اوهان جي اعتماد ۽ سهڪار جا ٿورائتا آهن، هو اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪن ٿا، صوبائي وزير جي بصيرت ۽ دورانديشي ساراهه جوڳي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي واري شق ختم ڪرڻ نه ڏني ويندي ۽ نه وري ڪو ڪٽ قبول ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته ستاويهين ترميم ۾ ڪجهه شيون وقت جي ضرورت آهن، تڪرار پيدا نه ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
19 %
2.2kmh
49 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون