تازه ترين

ستاويهين ترميم ۾ ڪا تڪڙ ناهي، آئين آسماني صحيفو ناهي جيڪو تبديل نه ڪري سگهجي : بئريسٽر عقيل

- Advertisement -
قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل چيو آهي ته ستاويهين ترميم ۾ ڪا تڪڙ ناهي، آئين آسماني صحيفو ناهي جيڪو تبديل نه ڪري سگهجي، اها ڳالهه غلط آهي ته 26هين آئيني ترميم وقت ڪنهن جي رٽائرمينٽ سبب جلد بازي ڪئي پئي وئي، 27هين آئيني ترميم تي به ڪا جلدبازي ناهي، سمورن معاملن بابت ڳالهيون ٿينديون. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي بئريسٽر عقيل چيو ته ستاويهين آئيني ترميم ۾ قومي مفاد جا اشوز آهن، اهو ڪم گهڻي وقت کان آن اينڊ آف هلي رهيو هو. سندس چوڻ هو ته ڪنهن سياسي پارٽي جي فائدي نقصان جي ڳالهه ناهي نه ئي آئين ڪو آسماني صحيفو آهي جنهن ۾ تبديلي نه ڪري سگهجي. قانون واري مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر ڪجهه ڏسڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ کانسواءِ بيان بازي شروع ڪري ڇڏي آهي، اپوزيشن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ پارليامينٽ جي فلور تي پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي. بئريسٽر عقيل چيو ته پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جيڪو موقف اختيار ڪيو ڏٺو ويندو، وفاق ايف ايف سي جو 57 سيڪڙو شيئر صوبن کي ڏئي ڇڏيندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
19 %
2.2kmh
49 %
خميس
10 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °
آچر
20 °
سُومر
19 °

تازه ترين خبرون