تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سعودي عرب سندن وڏو نان نيٽو اتحادي ملڪ آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سعودي عرب سندن وڏو نان نيٽو اتحادي ملڪ آهي. سعودي آمريڪين انويسٽمينٽ فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وٽن بهترين فوجي نظام آهي جيڪو سعودي عرب کي مهيا ڪندا. هن چيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ مختلف شعبن ۾ 270ارب ڊالرن جا معاهدا ٿيندا. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران سان جلد معاهدو ٿي سگهي ٿو، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان هڪ بهادر اڳواڻ آهي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته سعودي عرب-آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن لاءِ پرعزم آهن، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ مون اتحاد کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورنا دوران آمريڪا سڄي دنيا کي وينيٽيليٽر مهيا ڪيا، آمريڪا هاڻي دنيا جي بهترين ۽ تمام وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته بائيڊن جي دور ۾ آمريڪي معيشت جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، سعودي عرب-آمريڪا وچ ۾ تاريخي ڀائيواري جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، دفاع، توانائي، اي آءِ ۾ سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪندا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
26 %
2.9kmh
3 %
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °
سُومر
13 °
اڱارو
14 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون