تازه ترين

خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون 17 ۽ 18 نومبر دوران ٿيون، جنهن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 4 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۽ ذاڪر خيل ۾ به ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب اسپين وام ۽ ذاڪر خيل ۾ ڪيل ڪاررواين دوران 2 دهشتگرد دوزخ ڀيڙا ٿي ويا، جنهن بعد سڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگرد کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان بارودي مواد ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترنئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
16 %
3.1kmh
6 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون