- Advertisement -
سکر بئراج وٽ پاڻي جي مسلسل واڌ بعد وچين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
پاڻي ۾ واڌ بعد سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 92 هزار 120 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 3 لک 50 هزار 40 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج عبدالعزيز سومرو جو چوڻ هو ته گذريل ٻن ڏينهن کان وهڪرا 3 لک کان وڌيڪ هلي رهيا هئا، پر وچولي ٻوڏ جيترو پاڻي رڪارڊ نه ڪيو ويو هو.
ڪنٽرول روم انچاج وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ سکر بئراج جي ڊائون اسٽريم ۽ اپ اسٽريم ۾ پاڻي وهڪرا 3 لک 50 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ ٿيا ته وچولي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي.
هوڏانهن سنڌو درياهه جي پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي جنهن بعد گڊو بئراج وٽ هڪ هفتي کان وچين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.
گڊو بئراج وٽ چوويهن ڪلاڪن اندر پاڻي سطح ۾ 2 هزار ڪيوسڪ واڌ ٿي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 28 هزار 105 ڪيوسڪ، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 3 لک 98 هزار 324 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
هوڏانهن تونسا بئراج وٽ پاڻي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
ڪنٽرول روم موجب تونسا بئراج ۾ پاڻي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو برقرار رهندو.- Advertisement -
