تازه ترين

سنڌ جي سينيئر  وزير شرجيل ميمڻ پاران پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر  وزير شرجيل ميمڻ پاران پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي جاري ڪيل پيغام ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پوليس جا شهيدن کي  هميشه حقيقي بهادري جي مثال  طور ياد رکيو  ويندو. سندس چوڻ هو ته  مقدس زمين ۽ قوم جي تحفظ لاءِ قربانيون ڏيندڙ پوليس جي شهيدن کي وساري نٿو سگهجي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ عوام کي پنهنجي پوليس، ان جي قربانين ۽ همت تي فخر آهي. سندسن چوڻ هو ته ڊيوٽي دوران جانين جو نذرانو ڏيندڙ اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. صوبائي شهرين جي حفاظت ۽ قانون جي بالادستي لاءِ سنڌ پوليس جي جوانن جون قربانيون سندن مضبوط عزم جو ثبوت آهن. سندس چوڻ هو ته پوليس جا جوان حقيقي هيرو آهن، جن همت، بهادري ۽ ايمانداري سان خطرن جو مقابلو ڪيو. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پوليس جي شهيدن جي وارثن کي ڪڏھن به بي يارو مددگار ۽ اڪيلو نه ڇڏيندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون