تازه ترين

سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.

صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته هن مهيني صوبي ۾ ڊينگي جا 175 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 85، حيدرآباد ۾ 48، ميرپورخاص 37 ۽ سکر ۾ 5ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال هن وقت تائين 819 ڊينگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڊينگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي سميت صوبي جي سمورين ڊويزنن ۾ ڊينگي خلاف مهم تيز ڪئي وئي آهي.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته اسپري ۽ فائوگنگ جو عمل روزاني جي بنيادن تي جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته اسپتالن ۾ مريضن جي علاج لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڊينگي کي روڪڻ لاءِ گهرن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ نه ڏيو، وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ هو ته صحت کاتي جون ٽيمون روزاني بنيادن تي ڊينگي ڪيسن جي نگراني ڪري رهيون آهن………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون