تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿي. جيڪب آباد شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي. دوداپور، ڳڙهي خيري ۽ ڀرپاسي ۾ پڻ هلڪي برسات ٿيڻ بعد موسم خوشگوار بڻجي وئي. ميان صاحب، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي. ٿرڙي محبت، باقراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  تيز هوا سان هلڪي برسات ٿي، جنهن سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي، جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊنوانڊول ٿي ويو. سجاول جوڻيجو، ميروخان ۽ وارهه ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي. بلوچستان جي شهر اوستا محمد ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو. لاڙڪاڻي ۾ وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو، بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جا فراهمي معطل ٿي وئي، مختلف علائقن ۾ سائن بورڊ ۽ وڻ به ڪري پيا. قمبر، پکو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو، مينهن پوڻ ڪري ساريالي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. ڪنڊياري، ميهڙ ۽ باڊهه ۾ مٽيءَ جي طوفان بعد برسات پئي، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. گرمي ۽ ٻوسٽ بعد برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، بجلي بند ٿيڻ جي ڪري رهواسي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون