- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.
شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿي.
جيڪب آباد شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ هلڪي برسات ٿي.
دوداپور، ڳڙهي خيري ۽ ڀرپاسي ۾ پڻ هلڪي برسات ٿيڻ بعد موسم خوشگوار بڻجي وئي.
ميان صاحب، مبارڪپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي.
ٿرڙي محبت، باقراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان هلڪي برسات ٿي، جنهن سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي، جڏهن ته مواصلاتي نظام ڊنوانڊول ٿي ويو.
سجاول جوڻيجو، ميروخان ۽ وارهه ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي.
بلوچستان جي شهر اوستا محمد ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو.
لاڙڪاڻي ۾ وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو، بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جا فراهمي معطل ٿي وئي، مختلف علائقن ۾ سائن بورڊ ۽ وڻ به ڪري پيا.
قمبر، پکو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان سان گڏ برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو، مينهن پوڻ ڪري ساريالي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.
ڪنڊياري، ميهڙ ۽ باڊهه ۾ مٽيءَ جي طوفان بعد برسات پئي، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.
گرمي ۽ ٻوسٽ بعد برسات پوڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، بجلي بند ٿيڻ جي ڪري رهواسي ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا.- Advertisement -
