تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن.

ڪوٽڙي ۾ تيز رفتار ٽرين جي ٽڪر ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون.

سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ پاور هائوس سامهون تيز رفتار ٽرين جي ٽڪر ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٻنهي عورتن جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورتن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي سورج بيبي زال قادر پٺاڻ ۽ 40 ورهين جي حسينه زال عصمت الله پٺاڻ اسدآباد ڪالوني ڪوٽڙي واسڻ طور ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

دادو ويجهو هفتو اڳ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.

هڪ هفتو اڳ ڪار ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ علي رضا، دانيال، شاهزيب چارڻ ۽ آزان پنهور زخمي ٿي پيا هئا.

زخمين مان آزان پنهور کي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون