تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجيءَ ۾ 5 ڄڻا فوت

- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجيءَ ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي پنج نمبر ۾ ڪوسٽر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

سپر هاءِ وي تي ڪاٺوڙ ٽول پلازه ڀرسان روڊ حادثي سبب نوجوان فوت ٿي ويو.

حادثي بعد فوتي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب حادثي ۾ فوتي جي عمر 20 سال آهي ۽ سندس تعلق ميمڻ ڳوٺ سان آهي.

مانجهند ڀرسان ٽرڪ ۽ مزدا ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ال امين انڊس ھاءِ وي تي ٽرڪ ۽ مزدا ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ سکر واسي ڀورل پُٽ رحيم داد بروھي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ ساھيوال واسي شھزاد پٽ محمد نوازسميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

موٽر وي پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي کڻائي مانجھند جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو.

زخمين کي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اوڏيرو لال ويجهو کيبر قومي شاهراهه تي شهزور ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي محمد رمضان بروهي فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

جاتي ويجهو سجاول روڊ تي ٽرڪ ۽ هاءِ روڊ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۾ شڪيل گهوٽو، راحب خواجه، غلام رسول ميربحر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو…….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون