تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ماءُ ۽پٽ سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪراچي جي گلشن اقبال، نيپا، حسن اسڪوائر، يونيورسٽي روڊ، ڊالميان، گلستان جوهر ۽ ٻين  علائقن ۾ وسڪاري سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو. حيدرآباد ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو. ٿڌي سڙڪ، گدو ناڪو، لطيف آباد، سبزي منڊي، علي نگر وارن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. سکر ۾ لڳاتار برسات شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. وسڪاري بعد ڪاروباري مرڪزن ۽ رهائشي علائقن ۾ پاڻي بيهڻ سبب رهواسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا. برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ ٽن عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مسمات نسيما، اجمل، پيارو، نور، واحد، حبيب، اسلم، نجمه ۽ ٻيا شامل آهن. لاڙڪاڻي  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جاري آهي، وسڪاري  سبب ڳوٺ رحيم بخش بگٽي ۾ مينهن جي واڙي جي ڇت ڪرڻ سبب 45 ورهين جو اياز بگٽي فوت ٿي ويو، مظفر ۽ خالد بگٽي زخمي ٿي پيا. جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ برسات بعد بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. شهداد ڪوٽ ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ پهچڻ جو خدشو آهي. قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري سبب سيپڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن. دادو ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ضلعي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، ناليون ۽ گٽر بند هجڻ پاڻي دڪانن، گهرن ۽ اسڪولن ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سبب شهري عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سانوڻي جي وسڪاري شڪارپور شھر جي مک رستن، بازارن ۽ مختلف پاڙن کي تلائن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جماڻي هال، ھاٿي در، گھنٽا گھر، اسٽيشن روڊ سميت سبزي منڊي ۽ مختلف پاڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو، ميونسپل انتظاميه شھر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي. ڊي سي الطاف احمد چاچڙ شھر جو دورو ڪري جلد برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. نوشهرو فيروز ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ سبب وونئڻن، ترن ۽ کجين جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جڏهن ته وسڪاري بعد شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهجي ويو آهي. دوداپور جي منگي پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ پٽ دٻجي فوت ٿي ويا ۽  هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ڳوٺ پنهون ڀٽي ۾ برساتي پاڻي 3سئو کان وڌيڪ گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڳوٺاڻن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي. پيرڳوٺ ۾ ٻن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، جڏهن ته انتظاميا پاڻي جي نيڪالي  لاءِ تحرڪ ئي ناهي ورتو. شهر جي مک روڊ رستن ۽ مختلف پاڙن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي. نصير آباد ۽ ڀرپاسي ۾ 18 ڪلاڪن کان لڳاتار برسات سبب شهر ۾ هڪ فوٽ پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي. وارهه ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري برسات سبب ڳوٺ سوائي چانڊيو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب نينگري فوت ٿي وئي. فريد آباد ۽ ڀرپاسي ۾  13 ڪلاڪن کان  جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. برسات دروان ڳوٺ سوائي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 سالن جي نينگري نويدان چانڊيو فوت ٿي وئي. ڪاڇي ۾ وسڪاري بعد نئيون وهي اچڻ سبب 15 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پريالوءِ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڳوٺ کولر عباسي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ، پٽ ۽ ڌيءُ دٻجي زخمي ٿي پيا آهن. ٺارو شاهه، درٻيلو، مڃٺ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات سبب فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. سيوهڻ ۾ لڳاتار هلندڙ برسات شهر جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کير ٿر جي جابلو پٽي تي وسڪاري نئيون وهي اچڻ سبب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 112 فوٽ کان به وڌي وئي آهي، جنهن ڪري 30 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون