- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جنهن سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.
سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ هلڪي برسات پوڻ بعد گرمي جو زور گهٽجي ويو.
غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو.
مبارڪپور ۽ ٻين علائقن ۾ مينهن پوڻ بعد موسم وڻندڙ ٿي وئي.
تنگواڻي ۾ ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو.
سيٺارجا ۾ برسات پوڻ بعد هيٺانهين واران علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
لکي غلام شاهه ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.
ناري تعلقي جي مختلف علائقن چونڊڪو، تجل، کينواري، سڪندر آباد، سائدو، فارهياڙو، ڪوٽ جبو ۽ اڇڙي ٿر ۾ برسات پئي آهي.
سنڌڙي ۾ برسات پوڻ سبب گرمي جو زور گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته وونئڻن جي فصل کي نقصان پهتو آهي.- Advertisement -
