- Advertisement -
سنڌ حڪومت جا عجيب فيصلا، ٽن ڪلاڪن اندر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا 2 ڊائريڪٽر جنرل تبديل ڪري ڇڏيا.
پهرين نوٽيفڪيشن موجب، 21هين گريڊ جي آفيسر ياسين شر کي سيڪريٽري هيومن سيٽلمينٽ جي عهدي تان ٽرانسفر ڪري، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مقرر ڪيو ويو.
ٻي نوٽيفڪيشن موجب، 21هين گريڊ جي آفيسر رشيد سولنگي کي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مقرر ڪيو.
پهرين نوٽيفڪيشن موجب بدلي ڪيل هيومن سيٽلمينٽ جي سيڪريٽري کي ڪاڏي ڪرڻو آ، سنڌ حڪومت وضاحت ئي نه ڪئي.
ٻئي نوٽيفڪيشن تڪراري بڻيل، سنڌ حڪومت وضاحت پيش نه ڪري سگهي.
مڪاني کاتي واري صوبائي وزير جي ترجمان زبير ميمڻ جو چوڻ آهي ته پهريان ياسين شر کي ڊي جي ايس بي سي اي مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ رشيد سولنگي کي ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
