تازه ترين

سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو بايو گئس تي هلندڙ بسون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو بايو گئس تي هلندڙ بسون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ بابت منصوبن جي مالي سهڪار ۽ مستقبل جي اهم قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو به شريڪ هو. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي وفد طرفان ٽرانسپورٽ منصوبن جي لاءِ مڪمل مالي سهڪار جو يقيني ڏياريو ويو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو بايو گيس سان هلندڙ بسون هلائڻ وڃي رهي آهي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي لاءِ بايو گيس تي هلندڙ بسن جي خريداري جو عمل باضابطه شروع ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته نه رڳو بسون جديد هجن پبلڪ سروس جو معيار به عالمي سطح جو هجي. هن چيو ته اهي بسون نه رڳو ماحول دوست هونديون بلڪ هر بس آءِ ٽي ايس تي مشتمل هوندي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ماحول دوست بسين لاءِ بايو گيس پلانٽ منصوبي تي ڪم جلد شروع ڪيو پيو وڃي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته بايو گيس پلانٽ جهڙا قدم ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته بايو گيس ۽ اي وي گاڏين سان ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
16.9 ° C
16.9 °
16.9 °
85 %
5.1kmh
81 %
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون