- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن، ڪشميري عوام ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي برداشت پيا ڪن، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، پاڻي زندگي جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سرحد پار پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، پاڪستاني شهرين کان پاڻي کسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان دوحا معاهدي جي حمايت ڪري ٿو.
گڏيل قومن جي انتظام هيٺ ٻي عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هو هڪجهڙي دنيا چاهن ٿا جتي، برابري، ٻڌي ۽ انساني حقن جو احترام هجي.
هن چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن، ڪشميري عوام ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي برداشت پيا ڪن، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڻي زندگي جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سرحد پار پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، پاڪستاني شهرين کان پاڻي کسڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته پاڪستان دوحا معاهدي جي آجيان ڪري ٿو.
صدر چيو ته بي آءِ ايس پي 90 لک خاندانن کي مالي امداد، صحت ۽ تعليم جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، سماجي ترقي لاءِ منصفاڻو، جامع ۽ متوازن عالمي مالياتي نظام اڻٽر آهي.
هوڏانهن صدر آصف علي زرداريءَ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان دوحا ۾ ملاقات ڪئي.
صدر، عالمي چئلنجن کي منهن ڏيڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ پاڪستان لاءِ سندس مسلسل حمايت حمايت جي واکاڻ ڪئي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو.
ملاقات ۾ موجود بلاول ڀٽو زرداري به ڀارت طرفان پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ واري قدم تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت طرفان معاهدو ختم ڪرڻ ۽ درياهه جا انگ اکر روڪڻ سان پاڪستان ۾ وڏو نقصان ٿيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان عالمي امن، انصاف ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ واري گڏيل قومن جي ڪردار جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري کانسواءِ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ۽ قطر ۾ پاڪستان جو سفير به موجود هو.
صدر آصف علي زرداريءَ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان به ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان تاجسڪتان سان تاريخي، ثقافتي ۽ لساني رشتن تي ٻڌل لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.
آصف علي زرداريءَ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻ طرفو سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو ۽ تاجڪستان کي پاڪستان ذريعي واپار ۽ رابطن جا نوان موقعا ڳولڻ لاءِ سڌي ريت اڏامن جي بحالي تي غور جي دعوت ڏني….
- Advertisement -
