تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، پلانٽس جي نون منصوبن تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ مقرر برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران توانائي پاليسي، هلندڙ منصوبن ۽ عالمي ڀائيواري بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار توانائي جي مختلف منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ٿرڪول پاور پلانٽن، سولر ۽ ونڊ هائبرڊ توانائي منصوبي ۽ گهرن جي سولرائزيشن پروگرام شامل آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان سولر ۽ ونڊ هائبرڊ پاور پلانٽس جي نون منصوبن تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته وفاقي سرڪار ۽ برطانيا جي سهڪار سان توانائي جي منصوبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش آهي ته جيئن توانائي جا وڌيڪ منصوبا شروع ڪري سگهجن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سنڌ سرڪار مقامي وسيلن جي هاڪاري استعمال ۽ صاف توانائي کي هٿي وٺرائڻ ذريعي صوبي جي توانائي جي لحاظ سان خوف ڪفيل بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ منصوبي بابت به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ ۾ وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي جنهن تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن. برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سنڌ سرڪار جي ڪوششن ۽ ترقياتي منصوبن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته صوبي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير، معزز مهمانن کي سنڌ جي ثفاقت لنگي جا تحفا پيش ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون