- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ مقرر برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر لانس ڊوم، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران توانائي پاليسي، هلندڙ منصوبن ۽ عالمي ڀائيواري بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن.
برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار توانائي جي مختلف منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ٿرڪول پاور پلانٽن، سولر ۽ ونڊ هائبرڊ توانائي منصوبي ۽ گهرن جي سولرائزيشن پروگرام شامل آهن.
سندس چوڻ هو ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان سولر ۽ ونڊ هائبرڊ پاور پلانٽس جي نون منصوبن تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته وفاقي سرڪار ۽ برطانيا جي سهڪار سان توانائي جي منصوبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش آهي ته جيئن توانائي جا وڌيڪ منصوبا شروع ڪري سگهجن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، سنڌ سرڪار مقامي وسيلن جي هاڪاري استعمال ۽ صاف توانائي کي هٿي وٺرائڻ ذريعي صوبي جي توانائي جي لحاظ سان خوف ڪفيل بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ٻوڏ متاثرن لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏي هائوسنگ منصوبي بابت به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سنڌ ۾ وڏو هائوسنگ منصوبو جاري آهي جنهن تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن.
برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سنڌ سرڪار جي ڪوششن ۽ ترقياتي منصوبن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته صوبي ۾ عوامي ڀلائي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير، معزز مهمانن کي سنڌ جي ثفاقت لنگي جا تحفا پيش ڪيا.- Advertisement -
