سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڻي به اسان جو آهي ۽ پئسو به اسان جو آهي، پنجاب ماضي ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندو رهيو آهي.
ڄامشوري ۾ ايس يو پي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاهه چيو ته پيپلزپارٽي کي مريم نواز تي تنقيد ڪرڻ بدران 8 جولاءِ تي ڪينالن جو معاملو ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي رد ڪرائڻ گهرجي.
سيد زين شاهه چيو ته سنڌ جي ماڻهن پنهنجي جدو جهد ذريعي ڪينال جي مسئلي تي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو ۽ جيڪڏهن ٻيهر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي.
هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن بدران هڪ ڪاروباري ڊيل آهي، پرڏيهي پاليسي تحت، اسان جون زمينون پرڏيهين کي ڏنيون ويون.
زين شاهه چيو ته ملڪ جي سيڪيورٽي جي تحت هڪ پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جيڪا عوام جي ڀلائي لاءِ هجي.
هن چيو ته هو پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي تي هڪ ڏهائي 3 ارب ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿو، ايندڙ مهيني ٿيندڙ اين ايف سي اجلاس ۾ ڪا به تبديلي قبول نه ڪئي ويندي.
زين شاهه چيو ته معدنيات ۽ مائنز صوبائي ملڪيت آهن، جن تي وفاق کي پرڏيهي ڪمپنين سان معاهدا ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي.
سيد زين شاهه چيو ته ٽيڪس سنڌ جي تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪيا وڃن، وفاقي حڪومت پاران سنڌ مان برآمد ٿيندڙ گئس، تيل، ڪوئلي ۽ معدنيات تي قبضي جي سخت مذمت ڪريون ٿا.
زين شاهه چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي هڪ ڪاروباري اداري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ يونائٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سيمينار ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو…………………