- Advertisement -
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سياسي صورتحال تباهي طرف وڃي رهي آهي، جنهن جو فائدو تحريڪ انصاف باني ڏانهن وڃي رهيو آهي.
مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ذوالفقار حيدر جي آفيس ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته لال حويلي سندن ملڪيت آهي، هائيڪورٽ سندن حق ۾ فيصلو ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته کيس نوٽيس مليو ته هو مذهبي معاملن واري سيڪريٽري وٽ پيش ٿئي، چيو ويو ته اڄ ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي، ساڍي نائين وڳي گهرايو ويو پر مذهبي معاملن وارو سيڪريٽري موجود ناهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته لال حويلي سندس ڀاءُ جي نالي آهي، سندس اتي رهائش آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس ڇو نوٽيس اماڻيو ويو، هاڻي به هو ٻيهر هائيڪورٽ ويندا.
شيخ رشيد چيو ته جنهن جي عقل کي تالا لڳي ويندا آهن پوءِ ڇا ٿيندو آهي، جيڪو به قدم کڻندو سندس ئي نقصان ٿيندو آهي، سياسي صورتحال تباهي طرف وڃي رهي آهي، جنهن جو فائدو تحريڪ انصاف باني ڏانهن وڃي رهيو آهي- Advertisement -
