- Advertisement -
سنڌ سرڪار هاري ڪارڊ جلد شروع ڪرڻ فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هاري ڪارڊ جي رجسٽريشن جو عمل هڪ مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمورا آبادگار هاري ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اهل هوندا.
سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ زراعت کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير محمد بخش مهر، سيڪريٽري زراعت رفيق ٻرڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته زرعي ترقي مضبوط ملڪي معيشت جي ضامن آهي، کين آبادگارن کي ٻج ۽ ڀاڻ ۾ سبسڊي ڏئي زرعي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.
هن چيو ته هو چاهي ٿو ته زراعت کاتو آبادگارن کي زراعت جي نون طريقن بابت آگاهه ڪري، سمورا آبادگار هاري ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اهل هوندا.
وڏي وزير آبادگارن کي رجسٽر ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رجسٽريشن جو عمل هڪ مهيني اندر مڪمل ڪيو وڃي…………..- Advertisement -
