سنڌ حڪومت ساڍا 8 لک بينظير مزدور ڪارڊ نادرا کان جاري ڪرائي رهيا آهيون: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان ساڍا 8 لک بينظير مزدور ڪارڊ نادرا کان جاري ڪرايا پيا وڃن، هن وقت تائين ڏيڍ لک بينظير مزدور ڪارڊ جاري ٿيا آهن جيڪي تمام گهٽ آهن. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ بينظير مزدور ڪارڊ جي حوالي سان ليبر کاتي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير شاهد ٿهيم، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان ساڍا 8 لک بينظير مزدور ڪارڊ  نادرا کان جاري ڪرايا پيا وڃن، هن وقت تائين ڏيڍ لک بينظير مزدور ڪارڊ جاري ٿيا آهن جيڪي تمام گهٽ آهن. ڪمشنر سيسي سليم کهڙو وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته اڍائي لک بينظير مزدور ڪارڊ جون مهيني تائين جاري ٿي ويندا. وڏي وزير بينظير پورهيت ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ سيڪريٽري ليبر ۽ ڪمشنر سيسي کي نادرا سان اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پورهيتن کي ٻيا روڪ پيڪيج به ڏنا ويندا، مزدورن کي ننڍا قرض بينظير ڪارڊ ذريعي ڏنا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
48%
1.9m/s
93%
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون