- Advertisement -
سينيئر جج جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نئين مقرر ٿيل وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو کي وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻايو.
تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس ارشد خان، جسٽس اقبال ڪلهوڙو، جسٽس عمر سيال، جسٽس ڪريم آغا، جسٽس امجد سهتو، جسٽس جنيد غفار، جسٽس ثنا اڪرم، جسٽس ذوالفقار خان سرڪت ڪئي.
چيف جسٽس شفيع صديقي جي پرڏيهه کان واپسي تائين جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو وقتي چيف جسٽس رهندو.- Advertisement -
