- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ بصيرت رکندڙ ليڊر، جمهوريت جي علمبردار، جرئت ۽ جدوجهد جي لازوال علامت هئي، هوءَ پٺتي پيل طبقي لاءِ اميد هئي، عوام لاءِ سندس قربانيون بي مثال آهن.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سندس 17هين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد بي بي خطرن ۽ انتهاپسند مخالفت باوجود برابري، انصاف ۽ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري شهيد بي بي جي ويزن کي اڳتي وڌايو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري حڪمت ۽ ثابت قدمي سان چئلينجن کي منهن ڏئي جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان واري شهيد بي بي جي خواب کي تعبير ڏني آهي.
سندس چوڻ هو ته هو شهيد بي بي جي ورسي جي موقعي تي قربانين جو احترام ڪندي ملڪ، قوم ۽ جمهوريت لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا، شهيد بينظير ڀٽو جو روح انهن سڀني جي دلين ۾ زنده آهي جيڪي سندس ويزن لاءِ وڙهندا رهيا آهن.- Advertisement -
