- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيل ميجر محمد اويس جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 26 ڊسمبر 2024ع تي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر محمد اويس جي جنازي نماز ميران شاهه ۾ ادا ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن، جوانن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنازي نماز بعد شهيد ميجر محمد اويس جو مڙهه اباڻي علائقي نارووال روانو ڪيو ويو آهي، جتي کيس مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن جون عظيم قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون- Advertisement -
