تازه ترين
سک اڳواڻن جي قتل سبب ڊگهي سفارتي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن ڪنڌڪوٽ: راڪيٽ لانچر جو گولو ڦاٽڻ سبب 3 ڌنار مارجي ويا، واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنج ججن جي درخواست سپريم ڪورٽ واپس موڪلڻ... سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجهر سان لاڳاپيل ٻه اهم ڪيس سپريم ڪورٽ مان آئيني عدالت منتقل ميرپور ماٿيلو ويجهو نوجوان والد جي نشي وپرائڻ واري عمل تي ساڻس ڪاوڙجي آپگهات ڪري ڇڏيو اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آهي، مريد شاخ ۾ هٿياربندن دڪاندار کي يرغمال بڻائي 20 لک رپيا ڦر ڪيا،... ڪوٽڏيجي جي تاريخي قلعي مان توپ جا قيمتي ڪڙا چوري وارهه ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، حادثي ۾ فوت ٿي ويل سڌير ٻرڙو جي وارثن طرفان ڌرڻو هنيو ويو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي مذمت پشاور ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش، آپگھاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 3اهلڪار شھيد، 3...

سک اڳواڻن جي قتل سبب ڊگهي سفارتي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن

- Advertisement -
سک اڳواڻن جي قتل سبب ڊگهي سفارتي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ لاڳاپا بحال ٿي ويا آهن. ڀارت ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ سفارتي لاڳاپا ٻيهر گرم ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ٻنهي ملڪ نين ڳالهين ۽ واپاري واڌاري تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ٻنهي ملڪن 2030 تائين ٻه طرفو واپار 50 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جو حدف مقرر ڪيو آهي. جوهانسبرگ ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس دوران ڪينيڊا جي وزيراعظم ۽ ڀارتي وزيراعظم جي ملاقات ۾ لاڳاپا ٻيهر بهتر ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ڪئينڊين وزير مهيندر سڌو ڀارت جي دوري دوران ڳالهائيندي چيوته ٻنهي ملڪن ۾ ٽيڪنالاجي، اهم معدنيات، توانائي ۽ زرعي شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري معاهدي بابت ڳالهين جي ٻيهر شروعات کي وڏو اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ٻن سالن دوران سفارتي ڇڪتاڻ سبب ڪيترائي عمل رڪجي ويا هئا، پر هاڻي ٻنهي ملڪ لاڳاپن کي نئين سطح تي آڻڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
5 ° C
5 °
5 °
21 %
2kmh
0 %
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
14 °

تازه ترين خبرون