- Advertisement -
شاهپور چاڪر ويجهو بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي.
پنج ڏينھن اڳ ڳوٺ امان الله ڏاھري ۾ بجلي جي تارن مان باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان ريحان ڏاھري زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ريحان ڏاهري جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي.
ريحان ڏاهري جو مڙهه ڪراچي کان ڳوٺ امان الله ڏاهري آندو پيو وڃي جتي کيس جنازي نماز کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.- Advertisement -
