شهدادپور ويجهو لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ڳوٺ وليو خان لاشاري ۾ لاشاري برداري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن ظھور احمد لاشاري کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
فائرنگ جي نتيجي ۾ علي امان ڏاڙھون ۽ امير علي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.
مارجي ويل ظھور جي وارثن جو چوڻ هو ته سال اڳ ظھور جي پٽ جبار لاشاري ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي.
سندن چوڻ هو ته جبار جي پسند جي شادي تان برادري جا ڪجهه ماڻهو ناراض هئا، جن اڄ اسان جي گھرن تي حملو ڪيو.
سندن چوڻ هو ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ ظهور لاشاري قتل ٿي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس معاملي جي رپورٽ داخل ڪري ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.