- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو.
حماد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صدرِ مملڪت ۽ سندس وفد جو استقبال سينيئر قطري اختيارين ۽ دوحه ۾ مقرر پاڪستان جي سفير ڪيو.
صدر آصف علي زرداري عالمي سماجي ترقياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.
صدر مملڪت پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري کي سماجي ترقي ۽ گڏيل ترقي بابت پاڪستان جي کنيل قدمن بابت آگاهه ڪندو.
صدر آصف علي زرداري سماجي تحفظ، غربت گھٽائڻ ۽ ڪمزور طبقي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڪردار تي روشني وجهندو.
ان کان علاوه صدر مملڪت دوحه الائنس، سوشل پروٽيڪشن اينڊ جابز ڪمپيڪٽ جي شروعات لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ عالمي ترقياتي واعدن سان هم آهنگ منصوبن تي ڳالهائيندو.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي دوري دوران مختلف عالمي، علائقائي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمون جي نمائندن سان ملاقاتون پڻ ڪندو……
- Advertisement -
