تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڄمون جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڄمون جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. 6نومبر ڄمون ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪندي چيو ته هو ڄمون جي قتل عام کي نسل ڪشي تسليم ڪن ۽ ڀارت کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙين تي جوابده بڻائن، جن ۾ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي تبديلي جي ڪوشش شامل آهي. سندس چوڻ هو ته 6 نومبر 1947ع تي هندو ڊوگره مهاراجا جي فوج آر ايس ايس جي انتهاپسندن، پٽياله ۽ ڪپورٿله جي هٿياربند جٿن جي مدد سان ننڍي کنڊ جي تاريخ جي بدترين قتل عام مان هڪ انجام ڏنو. صدر مملڪت چيو ته هن سانحي ۾ ٻه لک کان وڌيڪ مسلمان شهيد ٿيا ۽ پنجن لک کان وڌيڪ ماڻهن لڏڻ پلاڻ تي مجبور ٿي سيالڪوٽ جي ڀرپاسي ۾ پناهه ورتي. آصف علي زرداري چيو ته ڄمون ڪشمير جو قتل عام جديد تاريخ جي اونداهي بابن مان هڪ آهي، ڪشميري عوام جون قربانيون ڄمون ڪشمير جي اڻپوري ڪهاڻي جي ياد ڏياريندڙ آهن، هو ڪشميري عوام سان انصاف، وقار ۽ آزادي جي جدوجهد ۾ گڏ آهن. 6نومبر ڄمون ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سمورن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو جن پنهنجي آزادي جي ڊگهي جدوجهد ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪيو خاص طور 6 نومبر جي شهيدن کي. سندس چوڻ هو ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشمير تي غيرقانوني قبضو برقرار رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انساني حقن جا سمورا علمبردار هنن قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا. شهباز شريف چيو ته 6 نومبر 1947ع جو ڏينهن والاريل ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، جيڪو اڄ به ڪشميري عوام جي دلين تي تازي زخم جيان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
26 %
2.9kmh
3 %
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °
سُومر
13 °
اڱارو
14 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون